پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري

پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ 39 ميمبرن کي پاڪستان تحريڪ انصاف جو ميمبرتسليم ڪندي اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ واري فيصلي جي روشني ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 39 آزاد ايم اين ايز جي لسٽ ۽ سندن پارٽي سان وابستگي فارمز اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا ويا هئا. جنهن جي بنياد تي عدالتي حڪم جي روشني ۾ سندن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جن ۾ امجد علي خان، سليم رحمان، سهيل سلطان، محمد بشير خان، محبوب شاهه، جنيد اڪبر، علي خان جدون، اسد قيصر، شهرام خان، مجاهد عالم، انور تاج، فضل محمد خان، ارباب عامر ايوب، شاندنا گلزار شامل آهن. خان، شير علي ارباب، آصف خان، سيد شاھ احد علي شاھ، شاھد خان، نسيم علي شاھ، شير افضل خان، اساما احمد ملاح، شفقت عباس، علي افضل صاحب، راءِ حيدر علي خان، نثار احمد، رانا عاطف، چنگيزي. احمد خان، محمد علي سرفراز، خرم شهزاد ورڪ، سردار محمد لطيف خان کوسا، راءِ حسن نواز خان، ملڪ محمد عامر ڊوگر، مخدوم زين حسين قريشي، رانا محمد فراز نون، ممتاز مصطفيٰ، محمد شبير علي قريشي، امبر مجيد، اويس حيدر جکڙ ۽ زرتاج گل شامل آهن. ياد رهي ته 41 ميمبر جيڪي آزاد چونڊيا هئا اهي اليڪشن ڪميشن م پي ٽي آءِ جي حمايت سان چوندجڻ جو بيان حلفي جمع ڪرائيندا ته سندن جو بطور پي ٽي آءِ ميمبر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو،

پهنجو تبصرو موڪليو