اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قانون سازي کي رد ڪري ڇڏيندي، پارليامان سپريم ضرور آهن پر آئين جي تشريح سپريم ڪورٽ جوا ختيار آهي، سپريم ڪورٽ جيڪا آئين جي تشريح ڪئي اِها حتمي آهي، پارليامان جي قانون سازي سان ختم نٿي ٿي سگهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِهو بل حڪومت لاءِ عبرت جو نشان بڻجندو، شهباز شريف حسينه واجد کي فون ڪري وڃڻ جو طريقو ۽ رستو پڇي وٺي، سياسي پارٽي کي اسپيس نه ڏيندئون ته اِهو اسپيس ڪو ٻيو وٺندو ۽ انجام حسينه واجد وارو ٿيندو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.بيرسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت جي ملاقات کان پوءِ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته مان ته چوان ٿو ته هن وقت هلو هينئر ئي ملاقات ڪري ٿا وٺون، شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ غلط فهمي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شير افضل مروت جو معاملو اسان جي پارٽي جو اندروني معاملو آهي، شير افضل مروت اسان سان گڏ آهي ۽ رهندو. 2 ڏينهن صبر ڪريو اوهان کي سٺي خبر ملندي، هتي ته آئيني ترميم تبديل ٿي ويندي آهي هيءَ ته وري به هڪ نوٽيفڪيشن آهي.شير افضل مروت بيرسٽر گوهر جي جوابن جي تائيد ڪندي چيو ته مون کي بيرسٽر گوهر ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان تي پورو ڀروسو آهي.










