پي ٽي آءِ جو احتجاج ، اليڪشن ڪميشن پاران سڪيورٽي جو مطالبو

پي ٽي آءِ جو احتجاج ، اليڪشن ڪميشن پاران سڪيورٽي جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پاران احتجاج جي اعلان کانپوءِ سڪيورٽي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ پاران سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ٻاهران احتجاج جي اعلان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ ضلعي آفيسن جي سڪيورٽي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان گهرو سيڪريٽري کي اليڪشن ڪميشن آفيسن جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ خط لکيو ويندو. اليڪشن ڪميشن صوبائي ۽ ضلعي آفيسن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو