.اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي جيل ضابطن موجب سهولتون فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن؟ جيل اختيارين کي 22 آگسٽ تائين رپورٽ ڏيڻي آهي، اڊيالا جيل عملدارن کان پهرين سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، اهي وڌيڪ لاڳاپيل آهن، جيل اختيارين ٻڌايو ته زميني حقيقت ڇا آهي؟ ڪهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ باني جي پٽن سان واٽس ايپ ذريعي رابطو ناهي ٿيو.جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جواب اچڻ ڏيو، ڳالهيون واضح ٿين پوءِ ڏسنداسين.وڪيل اظهر صديق چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيو آهي ته فرج جي سهولت ناهي، کاڌو خراب ٿئي ٿو.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جواب اچڻ ڏيو، اهڙي طرح فريج نه لڳائيندس، ڇا؟اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










