پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران حليم عادل تي تشدد جي مذمت

پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران حليم عادل تي تشدد جي مذمت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ الزام هنيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سنڌ پوليس حراست دوران سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. پارٽي، پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي، شيخ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ سندس گهر واري دعا ڀٽو مٿس تشدد ۽ کاڌو نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.


شيخ کي سومر تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس (اَي اِي ايف) زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. اي اي ايف کيس اڄ ملير جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پارٽي چيئرمين عمران خان مبينا تشدد جي سخت مذمت ڪئي آهي. ”پاڪستان ڏوهارين جي هڪ ٽولي جي گرفت ۾ آهي. اهي مافيا ڄاڻن ٿا ته اهي چونڊن ۾ پنهنجو سياسي انجام پورو ٿيندو”. هوڏانهن اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ ملڪ مرتضيٰ اپوزيشن ليڊر کي حراست ۾ وٺي تشدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ”حراست ۾ تشدد ناهي ٿيو“. هڪ ڏينهن اڳ، شيخ کي AEF پاران حراست ۾ ورتو ويو هو جڏهن هن کي دهشتگردي جي ڪيس ۾ جيل اختيارين طرفان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

ڪراچي سينٽرل جيل مان نڪرڻ سان ئي سندس ڊرامائي گرفتاري عمل ۾ آئي. AEF اهلڪار، جيڪي ظاهري طور تي جيل جي ٻاهران هن جو انتظار ڪري رهيا هئا، هن کي کنڀي کڻي ويا هئا. بعد ۾ کيس اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو ۽ زمين تي قبضي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي. تازي ايف آءِ آر موجب، هڪ اڳوڻي مختيارڪار (روينيو آفيسر) مبينا طور تي اسڪيم-33 ۾ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لاءِ 25 ايڪڙ سرڪاري زمين شيخ ۽ 10 ٻين کي غير قانوني طور تي الاٽ ڪئي هئي. نامزد ٿيل ماڻهن ان زمين تي مينهن جو واڙو ۽ ويئر هائوس ٺاهيو. حڪومت کين سنڌ پبلڪ پراپرٽي (ريموول آف انڪروچمينٽ) ايڪٽ 2010 تحت نوٽيس جاري ڪيا جن ۾ کين ڄاڻايل زمين خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر هنن عمل نه ڪيو.
29 آگسٽ تي مختيارڪار ذوالفقار علي منگي جي فرياد تي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس اسٽيشن ايسٽ ۾ سنڌ پبلڪ پراپرٽي (ريموول آف انڪروچمينٽ) ايڪٽ 2010 جي سيڪشن 8(1) تحت ڪيس داخل ڪيو هو. ياد رهي ته حليم عادل شيخ عدالت ۾ پيشي وقت عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻايا ۽ چيو ته ڪاش مان ٻاهر هجان ها ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪريان ها.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو