ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ٽين تلوار ۾ ڌاڙن ۽ پوليس اهلڪارن تي تشدد جي الزام ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثر اميدوارن ضمانت ۾ واڌ لاءِ ٻيهر عدالت سان رجوع ڪيو. ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئريسٽر عزير علي ۽ ٻين جي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت پاران چيو ويو آهي ته 30 جنوري تي سمورن جوابدارن کي 6 ڏينهن جي سڪيورٽي ڏني وئي هئي، ان کان اڳ 6 ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد ٻيهر هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويو هو. ان کان علاوه عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن خالد جي ضمانت واري درخواست به عدم پيشي تي رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته اين اي 234 جي اميدوار فهيم خان جي 10 جنوري تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.










