ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪاروباري هفتو وچ اوڀر جي جنگ جو حاوي رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ڪاروباري هفتي دوران 3,629 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 153,866 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 14,505 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس جو هفتيوار بلند ترين 158,624 هو.ان کان علاوه، 100 انڊيڪس جو هفتيوار گهٽ ترين 144,119 هو. هفتي دوران، مارڪيٽ ۾ 2.25 ارب شيئرز 132 ارب رپين ۾ واپار ڪيا ويا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 369 ارب رپين جي گهٽتائي سان 17,329 ارب رپين تائين پهچي وئي.










