پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ يو اي اي منتقلي جو فيصلو

پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ يو اي اي منتقلي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جا باقي ميچ گڏيل عرب امارات منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل کي يو اي اي منتقل ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايونٽ جا باقي 8 ميچ گڏيل عرب امارات منتقل ڪيا پيا وڃن. پي سي بي موجب، انهن 8 ميچن کي ٻيهر شيڊول ڪيو ويندو ۽ انهن جي نئين تاريخن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ دبئي ۾ ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي رانديگر پهرين دستياب پروازن تي دبئي لاءِ روانا ٿيندا، جنهن جي نتيجي ۾ ليگ شيڊول ۾ 6-7 ڏينهن جي دير ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هن مهيني ليگ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو