ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پي آئي اي، برطانيا ۽ ڪئناڊا جي ريل ڪمپنين سان معاهدا ڪيا آهن، جنهن بعد انهن ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافر پي آئي اي جي ساڳئي ٽڪيٽ تي هوائي ۽ ريل جو سفر ڪري سگهندا.
اهڙو اعلان پي آئي اي جر ترجمان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي قومي جهنڊي واري ايئرلائين جي مسافرن کي برطانيا ۽ ڪئناڊا لاءِ ريل سفر جون الڳ الڳ ٽڪيٽون وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.
بيان موجب ڪئناڊا جي 8وڏن شهرن ۽ برطانيا جي 50 جي لڳ ڀڳ شهرن لاءِ مسافر پي آءِ اي جي آفيس، ويب سائيٽ، ايجنٽ يا ايپ ذريعي پنهنجي ريل جي ٽڪيٽ گڏوگڏ بڪ ڪري سگهندا.










