اوٻاوڙو(ايم بچل گهنڃو) ايس ايس پي گهوٽڪي جي هدايت تي اوٻاوڙو پوليس باءِ پاس تي هڪ ٽرڪ کي روڪي منشيات، سپاريون ۽ گٽڪو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پنجاب کان سنڌ طرف ايندڙ ٽرڪ نمبر E2722 کي روڪي تلاشي وٺڻ دوران گٽڪو، پان، سپاري جون 387ٿهيليون هٿ ڪري ٽرڪ ڊرائيور محمد هارف تارڙ ڪلينر آصف لاڙڪ کي گرفتار ڪري سندن تي منشيات ايڪٽ تحت اوٻاوڙو ٿاڻي تي گناھ نمبر 180 2019 دفعہ 270.289j 337 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










