پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين جي گهرن کي باهه

پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين جي گهرن کي باهه

غوثپور(ن سنڌيار)ھڪ ڏينھن اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي ۾ پوليس پڪٽ تي ھٿياربند ڏوھارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پوليس اھلڪار حاڪم علي کوسو جي قتل ۾ ملوث جوابدارگرفتار نه ٿي سگھيا۔ واقعي ۾ ملوث ڏوھارين جي گرفتاري لا۽ ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري اسپيشل ٽيم جي انچارج عثمان پنھور جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي ڳوٺن  خان محمد سبزوئي ھزارو جعفري ۾  ڪالھ منجھند جو چڙھائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي گھر گھر تلاشي ورتي پر ذريعن موجب ملوث جوابدار پوليس جي اچڻ کان اڳ ئي گھر خالي ڪري پنھنجو چوپايو مال ڪاھي فرار ٿي ويا۔ بعد ۾ پوليس چئن مبينه ڏوھارين عزيز عرف عزو۔ علي محمد سميت سندس ٻن سئوٽن سميت چئن ڄڻن جي ٿاڪن کي ڊاھي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو۔ رابطي ڪرڻ تي آپريشن انچارج پوليس عثمان پنھور ٻڌايو ته ڏوھاري گھر خالي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن جن جي گرفتاري تائين ڪاروايون جاري رھنديون۔ اسان کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سوگھو ڪنداسين۔ ھوڏانھن واقعي جو ڪيس سرڪار پاران جعفري ۽ سبزوئي برادري جي پنجن ڄڻن خلاف قلم 302 تحت ڪرمپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي جڏھين ته فوتي اھلڪار جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي ۽ سندس تڏي تي سوين ماڻھن جي اچ وڃ جاري آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو