ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو)ڪشمور ٿاڻي جي ڳوٺ عطا محمد کوسو جو رهواسي 37 ورهين جو نوجوان ﷲ وسايو سولنگي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو ۽ مغوي جي بازيابي لاء ڌاڙيل 50 لک ڀُنگ گهري رهيا اهن وارثن جو مغوي جي بازيابي لاءِ احتجاج ۽ انصاف جي گهر . ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عطا محمد کوسو جو رهواسي 37 ورهين جو نوجوان پورهيت ﷲ وسايو پٽ محب علي سولنگي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو آهي جڏهن ان موقعي تي مغوي نوجوان جي عزيزن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪندي عبدالزاق سولنگي، اميران مائي، عبدالقادر سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هوته اسان جو نوجوان پورهيو ڪندو هو واقعي واري ڏينھن پنھنجي ڳوٺ کان ڊيرا موڙ تي بيڪري کان مٺائي ۽ ٻيو ڪجھ وٺي مريد شاخ لاء وڃي رهيو ھو ته اچانڪ فون بند ٿي ويو جڏهن ته ٽن ڏينهن جي ڳولا بعد ڌاڙيلن طرفان مغوي نوجوان ﷲ وسايو جي وارثن سان فون تي ڳاله ڪرائي وئي ۽ چيو ويو ته نوجوان جي رهائي لاء 50 لک ڀنگ ڏيو نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هوته اسين غريب مسڪين پورهيت آهيون ۽ پورهيو ڪري پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندا آهيون هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور امجد علي شيخ کان گهر ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي










