پهرين ون ڊي ۾ آسٽريليا ھٿان ڀارت کي 7 وڪيٽن تان شڪست

پهرين ون ڊي ۾ آسٽريليا ھٿان ڀارت کي 7 وڪيٽن تان شڪست

پرٿ (ويب ڊيسڪ)برسات متاثر ٿيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پرٿ ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني،برسات سبب ميچ کي 26/26 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، مهمان ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 136 رنسون ٺاهي سگهي، ڀارت طرفان ميچ ۾ روهت شرما نه کيڏيو ۽ نه ئي ويرات ڪوهلي سٺي راند نھ کيڏي ۽ ڪپتان شبمن گل به ڪا خاص پرفارمنس نه ڏئي سگهيو، ڪي ايل راهول 38 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا ۽ پٽيل 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته نتيش ڪمار ريڊي 19 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، آسٽريليا طرفان هيزل ووڊ، مچل اوون ۽ ميٿيو ڪهنيمن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون،آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 26 اوورن ۾ 131 رنسن جو هدف ڏنو ويو، جيڪو هن آساني سان 21.1 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو،ڀارت طرفان ارسديپ سنگهه، اختر پٽيل ۽ واشنگٽن سندر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.اهڙي ريت آسٽريليا کي 3 ون ڊي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو