پهرين ملاقات ۾ حرا بلڪل به پسند نه آئي: ارسلان خان

پهرين ملاقات ۾ حرا بلڪل به پسند نه آئي: ارسلان خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي نئين شادي شده جوڙي جي اداڪارا حرا خان ۽ اداڪار ارسلان خان پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن.تازو هي خوبصورت جوڙو خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ مهمان طور نظر آيو.ان دوران حرا خان ارسلان خان سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته ارسلان خان کي پهرين ملاقات ۾ ئي پسند آيو هو، جڏهن ته ارسلان خان جو چوڻ هو ته هارا خان سان پهرئين ملاقات ۾ ئي هوءَ تمام گهڻي ناراض ڇوڪري لڳندي هئي. پسند به نه ايندي هئي. حرا خان ۽ ارسلان خان شو دوران انڪشاف ڪيو ته هنن ڪافي عرصو اڳ مڱڻي ڪئي هئي پر ان جو اعلان نه ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ۽ سندن گهروارن کي ڏسڻ کان ڏاڍو خوف هو ۽ هنن خوف مان شادي به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو