نوجوان جمعو ڪولهي15 ڏينهن کان لاپتا وارثن پاران احتجاج

نوجوان جمعو ڪولهي15 ڏينهن کان لاپتا وارثن پاران احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)بلڙي شاھ ڪريم ويجھو آبادگارشگرمل ٿاڻي جي حد مان پندرنھن ڏينھن اڳ گم ٿيل نوجوان جمعون ڪولھي اڃان تائين لاپتا وارثن پاران سراپا احتجاج. بلڙي شاھ ڪريم ويجھو آبادگارشگرمل ٿاڻي جي حد  مان پندرنھن ڏينھن اڳ 17سالا نوجوان جمعوڪولھي چوپائي مال جو  گاھ ڪرڻ دوران گم وارثن پاران  ڪافي ڳولاڪرڻ جي باوجود به جمعوڪولھي جو ڪوبه ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. سندس وارثن پاران آبادگار ٿاڻي تي به اطلا ڪيو ويو آھي جنھن تي پوليس خوجي ڪتن جي مددسان گم ٿيل نوجوان جمعون ڪولھي جا پيرا کڻي  جماري برادري جي ڳوٺ جي اوطاق تي پھچي ء اتي ئي  ويھي رھيا . جڏھن ته جماري برادري پاران خوجي ڪتن کي ڪوڙو قرارڏيندي ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪارڪري ڇڏيوآھي . ھوڏانھن آبادگارٿاڻي جي پوليس پاران شڪ ھيٺ آيل جماري برادري کان پڇاڳاڇا ڪرڻ واروعمل پڻ جاري آھي پراڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل م ناھي آھي. ميڊياسان ڳالھائيندي گم ٿيل جمعوڪولھي جي وارثن ٻڌايوته معاملي کي پندرنھن ڏينھن گذري وياآھن پر اسان غريب مسڪينن جي ڪيربه ٻڌڻ لاء تيارناھي. اسان غريب ھاري پورھيت آھيون اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي.ھنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آھي ته اسان غريبن جي داد رسائي ڪري اسان کي اسان جو پٽ   ھٿ ڪري ڏياريووڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو