پنجگور ۾ آپريشن، مک جوابدار سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

پنجگور ۾ آپريشن، مک جوابدار سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي پنجگوڙ ۾ آپريشن ردُالفتنه 3 تحت سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي فتنة الهندستان جي مک جوابدار سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا،سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجگوڙ جي علائقي سرڪيني ۽ ڇيدگي ۾ ڏوهارين جي هنڌن تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فتنة الهندستان جو مک وزير ولد جمال پنهنجي 4 ساٿين سميت مارجي ويو. هٿياربندن وٽان 4 موٽرسائيڪلون، مشين گنون ۽ جبلن جي غارن مان وڏي مقدار ۾ بارود هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد شهري ۽ تاجرن کان ڀتو وصول ڪرڻ، اغوا ۽ دهشتگرديءَ ۾ ملوث هئا.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنجگور ۾ يڪمشت ڪامياب آپريشن تي فورسز جي پيشه ورانه صلاحيتن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته بهادر جوان قوم جو سرمايو آهن ۽ سڄي قوم دهشتگرديءَ خلاف فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو