لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي حڪمن باوجود پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي.شهري طرفان ايڊووڪيٽ اظهر صديق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ پنجاب جي گورنر، اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي چئن ميمبرن ۽ سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي فوري تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو.










