لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وقفي وقفي سان ٿيندڙ تيز برساتن ڪيترن ئي شهرن کي متاثر ڪيو آهي، جنهن بابت صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) اربع ڏينهن ڄاڻ ڏني.
واٽر اينڊ سينيٽيشن ايجنسي (واسا) موجب لاهور ۾ 123 ملي ميٽر، گوجرانوالا ۾ رڪارڊ 245 ملي ميٽر ۽ گجرات ۾ 95 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
پي ڊي ايم اي موجب سيالڪوٽ ۾ 139 ملي ميٽر، منڊي بهاوالدين ۾ 138 ملي ميٽر، نارووال ۾ 117 ملي ميٽر، حافظ آباد ۾ 85 ملي ميٽر، چڪوال ۾ 70 ملي ميٽر، اوڪاڙا ۾ 64 ملي ميٽر، جهنگ ۾ 35 ملي ميٽر، ليه ۾ 33 ملي ميٽر ۽ جهلم ۾ 32 ملي ميٽر برسات ٿي.
اٿارٽي موجب صوبي ۾ مون سون جي موسم شروع ٿيڻ کان وٺي هيل تائين برساتن سان لاڳاپيل مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. انهن مان 12 ڄڻا عمارتون يا ٻيون اڏاوتون ڪرڻ سبب، ٻه ڄڻا وڄ ڪرڻ ۽ ٽي ڄڻا بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا.
ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز عوام کي اپيل ڪئي آهي ته مون سون ۽ ٻوڏ واري صورتحال دوران واهن، دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو وڃڻ يا انهن ۾ وهنجڻ کان پاسو ڪن، جيئن جاني نقصان کان بچي سگهجي.
مرڪزي ۽ اتر پنجاب جي وڏن شهرن ۾ روڊن تي برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل تصويرن موجب گوجرانوالا جي سول لائينز واري علائقي ۾ شمسي انڊرپاس مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ناممڪن بڻجي وئي.
لاهور ۾ ڪريم بلاڪ مارڪيٽ، جوهر ٽائون، ٽائون شپ، فيروزپور روڊ، ملتان روڊ، سمن آباد، گلشنِ راوي، لکشمي چوڪ، ماڊل ٽائون سميت شهر جي ڪيترن ئي وڏن روڊن ۽ گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيهي ويو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ لاهور جون ڪيتريون ئي شاهراهون پاڻي هيٺ نظر آيون، جنهن سبب مسافر ڦاسي پيا. ايڪس (X) تي شيئر ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گاڏيون ڪيترن ئي هنڌن تي گوڏن تائين پاڻي مان گذري رهيون هيون. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ڪيترن ئي علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊگهي بجلي بندش جي به شڪايت ڪئي.
تنهن هوندي به واسا لاهور پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته شهر جي اڪثر اهم روڊن ۽ چوراهن تي پاڻي بيهڻ جون رپورٽون سامهون نه آيون آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته مون سون ڪنٽرول روم مان سڄي شهر ۾ نيڪال جي عمل جي حقيقي وقت (ريئل ٽائيم) نگراني ڪئي پئي وڃي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ايڪس تي هڪ فوٽو شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ مختلف شهرن روڊ تي بيٺل پاڻي ۽ بعد ۾ پاڻي ڪڍڻ بعد واريون تصويرون به شيئر ڪيون آهن.
پنجاب واسا جي ڊائريڪٽر جنرل، جيڪو گوجرانوالا ۾ ميداني نگراني ڪري رهيو هو، چيو ته “شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مکيه نالن ۽ پاڻي جي گذرگاهن جي فوري صفائي لاءِ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن.”
واسا موجب صوبي جي 41 ضلعن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته دريائن، ڊيمن ۽ بئراجن جي صورتحال تي به لاڳيتو نظر رکي پئي وڃي.
ڊائريڪٽر جنرل واسا پنجاب چيو ته صوبي جي سڀني فيلڊ ٽيمن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي ۽ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته برساتي پاڻي کي جلد کان جلد نيڪال ڪيو وڃي، ڇو ته شهرين جي سهولت سندن اولين ترجيح آهي.
هن شهرين کي به صلاح ڏني ته هو غيرضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ لاڳاپيل ادارن سان فوري رابطو ڪن.
گجرات ۾ واسا موجب ان جون 20 ايمرجنسي ٽيمون شهر جي ٽنهي زونن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ بنا وقفي ڪم ڪري رهيون آهن.
واسا گجرات دعويٰ ڪئي ته شهر جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ معمول مطابق هلي رهي آهي.
ٻئي طرف پنجاب جي هائوسنگ واري وزير بلال ياسين سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته مون سون دوران شهرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي ترت حل لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ رهن.
هن خاص طور تي هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي جي جلد نيڪال کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
بلال ياسين چيو ته: “هن مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، تنهنڪري لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ پاڻي جي نيڪال واري نظام کي وڌيڪ مؤثر ۽ جديد بڻايو پيو وڃي.”










