لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن صوبن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن.پنجاب حڪومت طرفان پاڪ فوج جي خدمتن جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي وفاقي گهرو وزارت پاڪ فوج جي خدمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي.گهرو کاتي موجب پاڪ فوج جي 10 ڪمپنين جون خدمتون پنجاب حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن.پاڪ فوج امن امان جي قيام لاءِ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندي ۽ ضلعي انتظاميا سان سهڪار ڪندي. وفاقي گهرو وزارت پنجاب ۾ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي ۾ فوج طلب ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.










