پنجاب ۾ 777 ايراني زائرين پهچي ويا، سندن معائنو جاري

پنجاب ۾ 777 ايراني زائرين پهچي ويا، سندن معائنو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ايران 777 زائرين پنجاب پهتا آهن جن مان 761 جو تعلق پنجاب سان آهي باقي ٻين علائقن جا آهن. سڀني کي ڊيرا غازي خان ڪالج خالي ڪرائي ان ۾ رکيو ويو آهي جتي سندن معائنو ڪيو پيو وڃي. کين 14 ڏينهن رکيو ويندو جن ۾ علامتون ظاهر ٿيون انهن جا ٽيسٽ ڪراي ويندا جن ۾ علامتون طاهر نه ٿيون انهن کي گهر موڪليو ويندو. ترجمان موجب 47 ماڻهن جي رت جا نمونا ليبارٽري موڪليا آهن جن جا نتيجا سڀاڻي ايندا. پنجاب ۾ هيلپ لائن به قائم ڪئي وئي آهي جنهن کي شڪ هجي اهو 1033 تي رابطو ڪري سگهي ٿو. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هڪ ڪيس جي تصديق ٿي آهي ۽ 54 ساله شخص جو ميو اسپتال ۾ علاج هلي پيو. 83 ماڻهن جا ٽيسٽ منفي اچڻ بعد انهن کي گهر روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 14 مشڪوڪ ماڻهن کي مختلف اسپتالن ۾ رکي سندن جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو