پنجاب پوليس روڪي ڇڏيو، اڏام نڪري وئي، اسد قيصر

پنجاب پوليس روڪي ڇڏيو، اڏام نڪري وئي، اسد قيصر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب گلگت بلتستان ۾ جاري چونڊ مهم لاءِ اسڪردو ويندڙ سندن اڏام نڪري وئي۔
مبينا طور چيو پيو وڃي ته اهو واقعو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جنيد اڪبر کي چونڊ مهم دوران گلگت بلتستان مان نيڪالي ڏيڻ کان پوءِ پيش آيو، جيڪو 7 جون تي ٿيندڙ چونڊن جي مهم لاءِ پنهنجي ٽيم سان گڏ اتي موجود هو۔
ٽي ٽي اي پي جي سيڪريٽري جنرل اسد قيصر الزام لڳايو ته پنجاب پوليس کيس اسلام آباد ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا۔
ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ”پنجاب پوليس منهنجي اڏام رواني ٿيڻ تائين مون کي حراست ۾ رکيو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”هن ڪارروائي جي نتيجي ۾ نه رڳو مان پنهنجي اڏام کان محروم ٿيس، پر عام شهرين کي به سخت مشڪلاتن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.“
اسد قيصر هن قدم جي مذمت ڪندي ان کي سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو، جڏهن ته اختيارين طرفان هن معاملي تي اڃا تائين ڪو باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو۔
بهرحال، گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان شبير مير چيو آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته نگران وزيراعليٰ گلگت بلتستان جسٽس (ر) يار محمد، خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ جي فون ڪال اٽينڊ نه ڪئي هئي۔ هن چيو ته جنهن وقت فون آئي ان وقت سندس طبي معائنو جاري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو