پنجاب حڪومت جو تعليمي نصاب گهٽائڻ جو فيصلو

پنجاب حڪومت جو تعليمي نصاب گهٽائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪورونا کانپوءِ ٻوڏ سبب ٻارن جي تعليم کي نقصان پهچڻ بعد پنجاب جي تعليم کاتي هلندڙ تعليمي سال ۾ نصاب گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق اسڪول ايجوڪيشن کاتي نصاب ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته پهرين کان ڏهين ڪلاس تائين ٻارن جو پيپر 80 سيڪڙو نصاب مان ورتو ويندو.تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ سبب هڪ هزار کان وڌيڪ اسڪول متاثر ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو