لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جا اهم سياسي خاندان پ پ ۾ شموليت لاءِ تيار آهن ۽ عام چونڊن کان اڳ شموليت اختيار ڪندا.پنجاب ۾ پ پ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جي حڪمت عملي سامهون اچي وئي، ڏکڻ ۽ سينٽرل پنجاب جي اهم سياسي خاندانن جا پ پ سان رابطا جاري آهن، عام چونڊن کان اڳ اهي خاندان پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندا.پارٽي ذريعن موجب ڏکڻ پنجاب مان لغاري خاندان، دريشڪ خاندان، مخدوم خاندان، لنگاهه، جاٽ، جتوئي، وٽو، بلوچ، ممدوٽ ۽ ٻيا خاندان پ پ جو حصو بڻجڻ لاءِ رابطي ۾ آهن، اهڙي ريت سينٽرل پنجاب مان ٽوانا، مهر، جٽ، ڪشميري ۽ راجپوتن سميت ٻيا پ پ ۾ شامل ٿيندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ۾ شموليت کانپوءِ انهن اهم سياسي خاندانن کي اهم عهدا به ڏنا ويندا، ماضي ۾ انهن اهم سياسي خاندانن جو پنجاب جي سياست ۾ وڏو ڪردار ادا رهيو آهي.










