پشاور، سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي ڪارروايون، 2 ڀائرن سميت 3 مسافر گرفتار

پشاور، سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي ڪارروايون، 2 ڀائرن سميت 3 مسافر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس پشاور ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس تي ڪارروايون ڪري ٻن ڀائرن سميت 3 مسافرن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي.اختيارين موجب شارجه وڃڻ لاءِ پشاور ايئرپورٽ پهتا ته ٻن ڀائرن جي سامان مان 9 ڪلو چرس هٿ آئي آهي.ٻئي طرف سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران بحرين ويندڙ جهاز جي مسافر محمد صديق وٽان 1 ڪلو آئس هيروئن هٿ ڪئي وئي.شروعاتي جاچ کانپوءِ جوابدارن کي هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو