پشاور ۾ سيٽون 3 کان 7 ڪروڙن ۾ وڪرو ٿيون: تيمور سليم جهڳڙا

پشاور ۾ سيٽون 3 کان 7 ڪروڙن ۾ وڪرو ٿيون: تيمور سليم جهڳڙا

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته پشاور ۾ تاريخي دھاندلي ٿي آهي، سيٽون 3 کان 7 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ڪيون ويون.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تيمور سليم جهڳڙا چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فارم 45 ڏيڻ جي درخواست ڪئي پر اڃا تائين نه ڏنو ويو آهي، منهنجي تڪ جو فارم 45 اليڪشن ڪميشن اپ لوڊ ڪري ٻيهر ڊليٽ ڪيو هو، جنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي هن وقت تائين ڇا ڪيو؟ اسان انتقام نه پر انصاف چاهيون ٿا، اسان سڀ گڏجي وڏي وزير کي خط لکي عدالتي انڪوائري جو مطالبو ڪنداسين.تيمور جهڳڙا جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ باني پي ٽي آءِ صوبائي ڪابينا ٺاهيندا، جيڪڏهن مان واقعي اليڪشن هاري ويس ته پوءِ مون کي ڪابينا ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو