پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي شهر بنون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ ٻه انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي موجب، 4 پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ پڻ مارجي ويل دهشتگردن ۾ شامل هو. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد خالد 2023 ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس اهلڪارن تي ڪيترائي حملا ڪيا. دهشتگردن کان 2 ڪلاشنڪوف، 6 ميگزين ۽ 2 دستي بم هٿ ڪيا ويا.سي ٽي ڊي موجب، دهشتگردن جا ڪجهه ساٿي فرار ٿي ويا ۽ انهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.










