پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي خلاف نااهلي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.عوامي نيشنل پارٽي جي ايمل ولي طرفان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس وقار احمد ڪئي.درخواستگذار طرفان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ننڍين چونڊن ۾ 8 تڪن تان کٽي ويو هو. اثاثن ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ هن غلط بياني ڪئي ۽ ڪاغذن ۾ توشه خانه تحفن جو ذڪر به نه ڪيو. اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني کي مذڪوره تڪن تان نااهل ڪيو وڃي.وڪيل طرفان عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته اسيمبلي رهي ئي نه آهي، پي ٽي آءِ باني هاڻ چيئرمين به نه رهيو آهي ان لاءِ هي ڪيس ٻڌڻ جوڳو نه آهي. عدالت آرڊر ۾ صرف لکي ڇڏي ته هي ڪيس ٻئي ڀيري داخل ڪري سگهجي ٿو.جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ايمل ولي جي درخواست غير موثر هجڻ جي آڌار تي رد ڪري ڇڏي ۽ ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو.










