پرڏيهه ۾ رهندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

پرڏيهه ۾ رهندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پرڏيهه ۾ ويهي سوشل ميڊيا تي قومي سلامتي ادارن جي توهين ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ان حوالي سان ايف آءِ اي 361 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ انهن اڪائونٽس تي پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي انهن ماڻهن کي پرڏيهه مان گرفتار ڪرڻ ۽ آڻڻ لاءِ انٽرپول سان به رابطو ڪيو آهي، انهن ماڻهن جي اڪائونٽس کي ٽريڪ ڪري سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن کي انٽرپول جي مدد سان واپس آندو ويندو، جڏهن ته انٽرپول کي به درخواست ڪئي وئي آهي ته عادل راجا جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو وڃي.ذريعن موجب عادل راجا کي جلد گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويندو.ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي حراسان ڪرڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي جو پلان تيار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو