پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي اپيل

پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.وفاقي حڪومت درخواستن تي 8 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو، جيڪو ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جمع ڪرايو.وفاقي حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته قانون خلاف درخواستون انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش آهي، قانون کي چئلينج ڪرڻ ۾ درخواستگذارن جي نيت واضح ناهي.وفاقي حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار تي ڪا پابندي ناهي، ماسٽر آف روسٽر جي تصور کي قانوني تحفظ حاصل ناهي، قانون آرٽيڪل 184 تحت چيف جسٽس جي اختيار کي ضابطي ۾ آڻيندو. آئين جي 3/3 موجب هي قانون عدليه کي ضابطي ۾ آڻيندو، قانون جي اختيارن ۾ گهٽتائي نه ڪندو، اپيل جو حق قانون جي آرٽيڪل 184/3 تحت ڏنو ويو آهي.جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 10 اي فيئر ٽرائل جو حق ڏئي ٿو ۽ آرٽيڪل 184/3 نظرثاني اختيار تمام محدود آهن، فيئر ٽرائل لاءِ اپيل جو حق ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو