پرويز مشرف جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

پرويز مشرف جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف طرفان 10 سال اڳ داخل ڪيل اپيل سندس لاڏاڻي جي 5 مهينن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي وئي. اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف 2013 ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي. پرويز مشرف جي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل 10 سالن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 20 جولاءِ تي پرويز مشرف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو