پرويز الاهي کان پنجاب اسيمبلي جو عملو واپس

پرويز الاهي کان پنجاب اسيمبلي جو عملو واپس

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کان پنجاب اسيمبلي جو عملو واپس ورتو ويو.پنجاب اسيمبلي ذريعن موجب اهلڪارن ۾ سڪيورٽي اهلڪار، ڊرائيور، بورچي سميت 60 ملازم شامل آهن.واضح رهي ته چوڌري پرويز الاهي کي پهرين جون تي لاهور ۾ سندس گهر ويجهو گرفتار ڪيو ويو هو، کيس اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو هو.اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪميشن وٺڻ جي الزام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو