پرويز الاهي پاران ميانوالي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جو حڪم

پرويز الاهي پاران ميانوالي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي ميانوالي جي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چوڌري پرويز الاهي چيو ته ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون ڪيون پيون وڃن، ماڻهن جي بروقت نڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن.هن چيو ته دوائن جو ڪافي ذخيرو، پيئڻ جو صاف پاڻي، ڍورن لاءِ چاري ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري کي 24 ڪلاڪ مانيٽر ڪيو وڃي.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل عملدار موقعي تي وڃي درياهه جي بندن ۽ حفاظتي بندن جو معائنو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو