لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي پٽ چوڌري شفيع حسين چيو آهي ته پرويز الاهي اسان وٽ واپس اچڻ چاهي ٿو پر اسپين ۾ ويٺل شخص قبول نه ڪري رهيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شفيع حسين چيو ته چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات مثبت رهي.هن چيو ته مونس الاهي هڪ سال اڳ ئي چئي چڪو آهي ته سياست پنهنجي آهي، خاندان اسان جو آهي، پر سياسي طور کيس فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي.چوڌري شفيع حسين چيو ته پرويز الاهي کي مسلم ليگ (ق) ۾ واپسي جي باضابطه دعوت ڏني وئي آهي ۽ هو اسان وٽ اچڻ چاهي ٿو پر اسپين ۾ ويٺل شخص قبول نه ڪري رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مستقبل ۾ مسلم ليگ (ن) سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي.










