لاهور (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته رات جي اونداهي ۾ پرويز الاهي جي گهر تي چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.پنهنجي هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته پوليس پاران باڊي آرمر جو استعمال سمجھ کان ٻاهر آهي.سراج الحق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪرپشن جا الزام آهن ته سڀني خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ۽ پوليس گذريل ڏينهن چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو هنيو هو، جيڪو 8 ڪلاڪ جاري رهيو.










