پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ معاهدو

پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ معاهدو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس)، ڍاڪا اسٽاڪ ايڪسچينج (ڊي ايس اي)، ۽ ڪولمبو اسٽاڪ ايڪسچينج (سي ايس اي) ٽنهي اسٽاڪ ايڪسچينجن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ هڪ سہ فريقي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن. ڊي ايس اي طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق، مفاهمتي يادداشت تي گذريل خميس تي ڪولمبو ۾ صحيحون ڪيون ويون. ان معاهدي جو مقصد ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ شيئرنگ، انساني وسيلن جو سهڪار، مصنوعات جي ترقي، ريگيوليٽري ڪوآرڊينيشن، سيڙپڪارن جي تحفظ، ۽ مارڪيٽن جي وچ ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ کي آسان بنائڻ آهي. صحيحون ڪرڻ جي تقريب ۾ ڊي ايس اي جي چيئرمين مومن الاسلام، سي ايس اي جي چيئرمين دلشان وراسي ڪارا، ۽ پاڪستان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) جي چيئرمين عاکف سعيد سميت متعلقہ ادارن جا ڊائريڪٽر ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. انهن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ باهمي تجربي جي ڏي وٺ ۽ مشترڪ سيڙپڪاري جي ذريعي، اسان جون اسٽاڪ ايڪسچينجز پنهنجي لاڳاپيل ملڪن ۾ مضبوط ۽ مؤثر سيڙپڪاري مارڪيٽن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو