پاڪستان ۾ چونڊن جو اعلان سٺو سنوڻ آهي،آمريڪا

پاڪستان ۾ چونڊن جو اعلان سٺو سنوڻ آهي،آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي نائب معاون پرڏيهي وزير ايلزبيٿ هورسٽ چيو آهي ته چونڊن جو اعلان حوصلو ڏيندڙ آهي، آزاد، منصفاڻي ۽ پرامن چونڊن لاءِ پراميد آهيون.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پائيدار ڀائيواري آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاملن تي گڏيل دلچسپي رکن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته معيشت ۽ موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏا چئلينج آهن.ايلزبيٿ هورسٽ وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستاني شين جو سڀ کان وڏو خريدار آهي، گذريل سال واپار 9 ارب ڊالر هو، آمريڪا مان سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 250 ملين ڊالر هئي.آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پاڪستان کي 215 ملين ڊالر ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو