اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي تيل جي قيمتن ۾ تاريخي اضافي کان پوءِ پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين لهر جو خطرو وڌي ويو آهي.چيز سيڪيورٽيز جي آچر تي جاري ٿيل هڪ تحقيقي رپورٽ موجب جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي وڃن ٿيون ته ايندڙمهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9 کان 11 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي.رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب توانائي جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جو سڌو سنئون پاڪستان جي معيشت تي اثر پئجي سگهي ٿو.چيز سيڪيورٽيز پاڪستان جي رپورٽ موجب جيڪڏهن ٻارڻ جي تيل جون قيمتون مسلسل 100 ڊالر في بيرل تي برقرار رهن ٿيون ته انهي سان پاڪستان جي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس يعني افراط زر ۾ 2.8 کان 3.7 سيڪڙو تائين جو اضافو ٿي سگهي ٿو.رپورٽ موجب برينٽ ڪروڊ جي قيمت جيڪا 2026جي شروعات ۾ تقريبن 68.70 ڊالر في بيرل هئي، 8 مارچ تائين وڌي 92.69 ڊالر في بيرل ٿي چڪي آهي جيڪا تقريبن 35 سيڪڙو تائين جو وڏو اضافو آهي. هن هفتي جي دوران برينٽ ٻارڻ واري تيل جي قيمت هڪ موقعي تي 94.51 ڊالر في بيرل جي بلند ترين سطح تي به پهچي وئي.هوڏانهن اثنا ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جون قيمتون وڌي 90.90 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون جنهن فيوچر ٽريڊنگ جي تاريخ ۾ تقريبن 35.6 سيڪڙو جو پنهنجو سڀني کان وڏو هفتيوار اضافو رڪارڊ ڪيو آهي.عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ هن اوچتي اضافي پاڪستان کي پهريان ئي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته هو انهي جو بار مقامي صارفين(عوام) تي منتقل ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب پاڪستان جي ڪنزيومر پرائمس انڊيڪس تي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو سڌو سنئون اثر بنيادي طور تي ٽرانسپورٽ ۽ خوراڪ جي لاڳت ذريعي مٿان پوندا.










