’پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو غربت جو شڪار آهن‘

’پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو غربت جو شڪار آهن‘

اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر) عالمي بينڪ جي خميس تي جاري ڪيل رپورٽ موجب تقريبن پنجاه سيڪڙو پاڪستان جي آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي نتيجا 2018-19 ۾ ڪرايل سروي جي بنياد تي آهن ۽ عالمي معاشي حالتن ۾ ڪا تبديلي نه ٿيڻ سبب عالمي غربت جي ليڪن جي نئين سر ترتيب ڏيڻ کانپوءِ هي نتيجا سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب انتهائي غربت ۾ رهندڙ ماڻهن جو تناسب 4.9 سيڪڙو کان وڌي 16.5 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. اهي تازا نتيجا عالمي بينڪ جي غربت جي نون پيمانن جي ترتيب ڏيڻ کانپوءِ سامهون آيا آهن، انهن جو سبب عالمي معاشي حالتن ۾ ڪنهن به تبديلي جو سبب نه آهن. ماهرن موجب: “پاڪستان لاءِ، 2021 پرچيزنگ پاور پيرٽي (PPP) جي تحت نئين 3 ڊالر جي بين الاقوامي غربت ليڪ (IPL) جي بنياد تي غربت جي شرح 16.5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2017 PPP جي تحت اڳوڻي 2.15 ڊالر ليڪ تي 4.9 سيڪڙو هئي”. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته، “هن ۾ 82 سيڪڙو واڌ ان نئين غربت ليڪ جي وڌيڪ قيمت سبب آهي، جيڪو مقابلي ۾ آيل ملڪن جي قومي غربت ليڪن ۾ اضافي کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته باقي واڌ پاڪستان ۾ 2017 کان 2021 تائين قيمتن ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا تازو ٿيل PPP ۾ شامل آهي.” عالمي بينڪ وڌيڪ چيو ته: “4.20 ڊالر IPL ليڪ تحت غربت جي شرح پاڪستان ۾ 39.8 سيڪڙو کان وڌي 44.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته نئين IPL غربت جي سطح تي اثر ڪيو آهي، پر غربت جي رجحان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. عالمي بينڪ جي پراڻي پيماني موجب، جنهن ۾ هر ماڻهو لاءِ 2.15 ڊالر جي حد مقرر هئي جيڪا گهٽ آمدني وارن ملڪن لاءِ هئي، پاڪستان جي 4.9 سيڪڙو آبادي انتهائي غربت ۾ شمار ڪئي وئي هئي. هاڻي ساڳي 2018-19 واري سروي ۾، ان حد کي 3 ڊالر روزاني مقرر ڪرڻ بعد اها شرح 16.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. پاڪستان ان کان پوءِ گهريلو آمدني جي ڪا به سروي ناهي ڪرائي. 4.2 ڊالر هر ماڻهو جي آمدني تحت، جيڪا گهٽ وچولي آمدني وارن ملڪن لاءِ مقرر آهي، پاڪستان ۾ غربت جي شرح 39.8 سيڪڙو کان وڌي 44.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪو اڳ ۾ 3.65 ڊالر روزاني جي حساب سان لڳايو ويو هو، اهڙي وضاحت عالمي بينڪ جي غربت ماهر ڪرسٽين وائيسر اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو