بيجنگ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا ماڻهو جلد ئي هڪٻئي جي ملڪن ۾ سڙڪ ذريعي آساني سان سفر ڪري سگهندا. هڪ هفتي کان چين جي دوري تي موجود صدر آصف علي زرداري جي اُرمچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري سنڪيانگ چن شياوجيانگ سان ملاقات ٿي، جنهن دوران گورنر سنڪيانگ ارڪن تونياز پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صدر زرداري چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ به سفر ڪيو هو. ارمچي ملاقات ۾ چن شياوجيانگ چيو ته سنڪيانگ خوشحالي ۽ مستقل امن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، سنڪيانگ انتهاپسندي جي بنيادي سببن تي قابو پائڻ ۽ سماجي ترقي لاءِ اقدامات ڪري رهيو آهي. صدر زرداري چيو ته چين جي ماڻهن جي اتحاد ۽ سنڪيانگ جي ترقي متاثر ڪرڻ واري آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ چين سان تعاون جاري رکندو. صدر زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين زراعت، صنعت، معدنيات ۽ نئين ٽيڪنالاجي، جي شعبن ۾ تعاون وڌائيندا، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو جلد ئي هڪٻئي جي ملڪن ۾ سڙڪ ذريعي آساني سان سفر ڪري سگهندا.










