پاڪستان کي دهشتگرد گروپن تي پابندي جاري رکڻ گهرجي، آمريڪا

پاڪستان کي دهشتگرد گروپن تي پابندي جاري رکڻ گهرجي، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته کيس يقين آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن تي پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته انهن گروپن ۾ لشڪر طيبه، جيش محمد ۽ ٻيا ذيلي گروپ شامل آهن.هن چيو ته آمريڪا ان حوالي سان پاڪستاني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جيڪو 2023ع جي دهشتگردي خلاف ڳالهين جو حصو هو.ميٿيو ملر چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي لائين آف ڪنٽرول تي جنگبندي جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڀارت انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيو آهي، صدر بائيڊن به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو معاملو اٿاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو