نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽن ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي. مستقل سيٽن ۾ واڌ سان مسئلن ۾ اضافو ٿيندو. ويٽو جي مسئلي جو حل سلامتي ڪائونسل جي مجموعي سڌارن سان ڳنڍيل آهي. تفصيل موجب، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جنرل اسيمبلي جي بحث ۾ طاقت جي توازن کي بهتر بڻائڻ لاءِ غير مستقل ميمبرن جو تعداد 10 کان وڌائي 20 ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. عاصم افتخار احمد عالمي تنظيم ۾ طاقت جي عدم توازن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ويٽو جي حق تي بحث ۾، پاڪستان ويٽو جي خاتمي يا ان تي سخت پابندي کي ناگزير قرار ڏنو. عاصم افتخار اهو به واضح ڪيو ته جنرل اسيمبلي عالمي جمهوري عملن لاءِ سڀ کان وڏو فورم آهي. ويٽو جي مسئلي جو حل سلامتي ڪائونسل جي مجموعي سڌارن سان ڳنڍيل آهي.










