پاڪستان نيوزيلينڊ ۾ وائيٽ بال سيريز کيڏڻ تي راضي

پاڪستان نيوزيلينڊ ۾ وائيٽ بال سيريز کيڏڻ تي راضي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي.ذريعن موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستان کي وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز جي آڇ ڪئي هئي، اها آڇ پاڪستان کي آسٽريليا جي دوري جي پڄاڻي تي ڪئي وئي هئي.هاڻ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي بورڊز وچ ۾ شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ٽيسٽ 7 جنوري تي سڊني ۾ ختم ٿيندي، نيوزيلينڊ وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز دستياب ونڊو ۾ منعقد ڪرڻ چاهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وائيٽ بال سيريز ۾ 3 ون ڊي يا پنج ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو