اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.40 ملين ڊالر جي قرض جي رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير، انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪئي ويندي، منصوبي تحت سنڌ ۾ صحت جون بنيادي سهولتون بحال ڪيون وينديون.ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 2.1 ملين گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته 2 سال گذرڻ باوجود ڪيترائي متاثر ماڻهو عارضي گهرن يا پناهگاهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن.










