پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي پيو:ڊار

پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي پيو:ڊار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي رهيو آهي. حضرت علي هجويري رحه جي 983 هين غسل مبارڪ جي تقريبن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حضرت داتا گنج بخش رحه جي مزار جي تاريخ جي سڀ کان وڏي توسيع جو منصوبو جاري آهي، جنهن جو سهرو پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جي مٿان آهي. جتي الله جي عبادت ٿي رهي هجي، اتي خدمت جو جذبو اختيار ڪرڻ سان ملڪ ۽ قوم جا حالات پڻ بهتر ٿيندا آهن، اهڙا روحاني اجتماع معاشري ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ استحڪام کي هٿي ڏيندا آهن.اسحاق ڊار چيو ته تازي علائقائي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان کي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ثالثي توڙي مصالحت جي حوالي سان مثبت ڪردار نڀايو، ان عمل ۾ ٽيم جي اڳواڻي وزيراعظم شهباز شريف ڪئي، جڏهن ته فيلڊ مارشل جون خدمتون پڻ ساراهه جوڳيون رهيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي سفارتي اڪيلائي مان ڪڍي عالمي سطح تي هڪ اثرائتي ۽ ذميوار رياست طور پيش ڪيو ويو آهي، اڄ دنيا پاڪستان کي دهشتگردي جي بجاءِ امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار جي علامت طور ڏسي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻجڻ جي توفيق ڏني، جنهن کانپوءِ ملڪ ميزائل پروگرام ۾ پڻ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻايو وڃي. هن چيو ته 2017 ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار دنيا لاءِ حيران ڪندڙ هئي ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي درجه بندي ۾ 24 هين نمبر تائين پهچي ويو هو، پر پوءِ وارن سالن ۾ معاشي مشڪلاتن سبب پاڪستان 47 هين پوزيشن تي هليو ويو. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت معاشي استحڪام کي پهرين ترجيح بڻائيندي گذريل سالن ۾ پيدا ٿيندڙ چيلنجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا. الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ٻيهر استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي مثبت سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو