پاڪستان روس کان تيل جي ضرورت جو ٽيون حصو خريد ڪندو: ملڪ

پاڪستان روس کان تيل جي ضرورت جو ٽيون حصو خريد ڪندو: ملڪ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته روس سان معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان روس کان تيل جو ٽيون حصو خريد ڪندو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته مقامي صنعت کي تحفظ ڏيڻ سان شيون سستيون ٿينديون آهن، پيداوار وڌائڻ سان خوشحالي ايندي آهي، ٽيرف جي حفاظت سان خوشحالي نه ايندي آهي، سستي قرض جي اسڪيم ۾ 600 ارب فيڪٽريون لڳايون ويون پر انجڻيون ناهن.. مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي فرٽيلائيزر سيڪٽر کي سعودي عرب ۽ بحرين کان سستي گيس ڏئي ٿو، گيس سيڪٽر ۾ امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ ٽيرف مقرر ڪيا ويا آهن، گيس جي سرڪلر تاريخ ختم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو