لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ميوزڪ بينڊ ”زيب اينڊ هانيا“ جي ڳائڻي ۽ موسيقار هانيا اسلم دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.زيب بنگش جي نالي سان مشهور ڳائڻي زيب النساءَ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي ڪزن ڳائڻي هانيا اسلم جي موت جي تصديق ڪئي.زيب بنگش ٻڌايو ته هانيا ڪالهه 11 آگسٽ تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي. پاڪستاني ميوزڪ انڊسٽري سان لاڳاپيل فنڪارن ڳائڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.ان کان علاوه سندس وفات تي پاڪستاني فلمساز مهرين جبار به هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪري هانيا کي خراج تحسين پيش ڪيو. بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي ريکا ڀاردواج به مهرين جبار جي پوسٽ تي تبصرو ڪيو ۽ هانيا جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو. ريکا ڀاردواج لکيو ته مون کي ياد آهي جڏهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته سندس توانائي قابل تعريف هئي، الله سندس پيارن کي صبر عطا فرمائي.










