پاڪستان کي شڪست، انگلينڊ سيمي فائينل ۾ پهچي ويو
Sahibzada-Farhan

پاڪستان کي شڪست، انگلينڊ سيمي فائينل ۾ پهچي ويو

ڪينڊي(ويب ديسڪ) انگلينڊ ڪپتان هيري بروڪ جي سينچري سبب 2 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. انگلينڊ جو اوپنر فل سالٽ شاهين جي پهرين ئي بال تي ڪيپر عثمان هٿان ڪيچ ٿي ويو، جنهن بعد شاهين پنهنجي ٻئي اوور جي ٽئين بال تي 2 رنسون ٺاهيندڙ جوز بٽلر کي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو. انگلينڊ جا 17 تي 2 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي ويا. چوٿون اوور صائم ايوب ڪرايو ۽ عثمان طارق جيڪب بيٽ هيل جو ڪيچ ڊراپ ڪيو. ٽيم جو پنجون ۽ شاهين پنهنجي ٽئين اوور ۾ بائونڊري تي صاحبزادا فرحان رننگ ڪيچ وٺي پاور پلي م انگلينڊ جي ٽئين وڪيٽ حاصل ڪئي. عثمان طارق کي 11 هين اوور ۾ ڪپتان آڻيندو آهي پر هن ڀيري اٺون اوور کيس ڏنو ته هن ٽام بينٽن کي ٻن رنسن تي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرائي بريڪ ٿرو ڪيو. نائين اوور ۾ شاداب جي بال تي شاهين آفريدي ڪيچ نه ڪري سگهيو الٽو چوڪو به ڪرايو. ٽيم جي ٻارهين ۽ عثمان طارق جي ٻئي اوور ۾ 16 رنسون ٺاهيندڙ سيم ڪرن کي محمد نواز هٿان ڪيچ ڪرائي پنجين وڪيٽ جي پارٽنر شپ ٽوڙي ۽ پاڪستان گيم ۾ واپس آيو. پر هيري بروڪ ۽ ول جيڪ جي پارٽنرشپ ۽ بهترين اسٽروڪس اميد تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، عثمان طارق جو 16 هون اوور ۽ شاهين جو 17 هون اوور مهانگا پيا، هيري بروڪ 51 بالن تي سينچري مڪمل ڪري شاهين جي آخري اوور جي آخري بال تي بولڊ ٿي ويو پر تيسين هو انگلينڊ جي فتح جي راهه هموار ڪري چڪو هو. 19 هين اوور ۾ محمد نواز جيڪ ول کي بولڊ ڪيو ۽ جيمي اوورٽن کي ڪيپر هٿان اسٽيمپ ڪرائي 2 وڪيٽون ورتيون ۽ هن ٽي ٽوئنٽي ۾ 100 وڪيٽن جو ٽارگيٽ به حاصل ڪيو. آخري اوور ۾ انگلينڊ کي فتح لاءِ 3 رنز گهربل هيون. سلمان مرزا کي پهرين بال تي جوفرا آرچر چوڪو حني گيم کٽي ورتي. ان کان اڳ پاڪستان انگلينڊ کي 165 رنز جو تارگيٽ ڏنو آهي. پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽئين اوور ۾ جوفرا آرچر جي بال تي صائم ايوب اونچي شاٽ کيڏي 7 بالن تي 7 رنسون ٺاهي جيڪب بيٿل هٿان ڪيچ ٿي ويو. چوٿين اوور ۾ سلمان آغا به 5 رنسون ٺاهي ليم ڊاسن جي بال تي جيمي اوورٽن هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد صاحبزادا فرحان ۽ بابر اعظم اسڪور اڳتي وڌايو، پر 73 جي مجموعي اسڪور تي بابراعظم2 چوڪا هڻي 24 بالن تي 25 رنز ٺاهي اوورٽن جي بال تي بولڊ ٿي ويو. صاحبزادا فرحان چوڏهين اوور ۾ هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 16 هين اوور ۾ فرحان هڪ ڇڪو ۽ چوڪو هڻي جيمي اوورتن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. هن ٻن ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 63 رنز ٺاهيون. فرحان رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو. 132 جي اسڪور تي فخرالزمان عادل رشيد کي ڇڪو هڻي ٻئي بال تي ليم ڊاسن هٿان ڪيچ ٿيو، هن ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 25 رنز ٺاهيون. عثمان خان 4 بالن تي 9 رنسون  ٺاهي ليم ڊاسن جي بال تي بائونڊري تي جيمي اوورٽن هٿان ڪيچ ٿيو، ساڳئي اوور ۾ ليم ڊاسن محمد نواز کي ايل بي ڊبليو ڪيو. 19 هين اوور ۾ شاهين آفريدي کي سيم ڪرن جوفرا آرچر جي بال تي ڪيچ ڪيو ۽ 148 تي پاڪستان جون 8 وڪيٽون ڪري پيون. آخري اوور ۾ شاداب سيم ڪرن خلاف 10 رنز ٺاهيون ڊبل رن جي چڪر ۾ شاداب 23 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو پر هن ٽي ٽوئنٽي ۾ هڪ هزار رنز جو رڪارڊ ٺاهي ورتو. پاڪستان 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنز ٺاهي سگهيو. شاداب خان 11 بالن تي 23 رنز ناٽ آئوٽ رهيو، هن 4 چوڪا هنيا. ليم ڊاسن 3، جوفرا آرچر ۽ جيمي اورٽن ٻه ٻه ۽ عادل رسيد هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو