پاڪستان جو عالمي رڪارڊ، آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست

پاڪستان جو عالمي رڪارڊ، آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان ٻئي ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي. آسٽريليا طرفان ڏنل 349 رنسن جو هدف پاڪستان 49 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڪپتان بابر اعظم 114 ۽ امام الحق 106 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هي سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، ان کان اڳ 2014 ۾ قومي ٽيم بنگلاديش خلاف 327 رنسن جو هدف حاصل ڪيو هو.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. آسٽريليا مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 348 رنسون ٺاهيون. بين ميڪڊرموٽ 104 ۽ ٽريس هيڊ 89 رنسن جي اننگز کيڏي. شاهين آفريدي 4 وڪيٽون ورتيون. 349 رنسن جي هدف جي پيڇي ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي رهي، اوپنرز فخر زمان ۽ امام الحق 118 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي پر پوءِ فخر 67 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هڪ وڪيٽ وڃائڻ کانپوءِ ڪپتان بابر ۽ امام ذميداري سان بيٽنگ ڪئي ۽ ٻنهي سينچريون اسڪور ڪيون. ڪپتان بابر اعظم 114 ۽ امام الحق 106 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. خوشدل شاهه 17 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون جڏهن ته افتخار 7 بالن تي 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا خلاف سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم گهٽ ۾ گهٽ هڪ اننگز ۾ 15 ون ڊي سينچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو جڏهن ته امام الحق آسٽريليا خلاف ٻئي ون ڊي ميچ ۾ مسلسل ٻئي سينچري اسڪور ڪئي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 9 سينچريون اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو