مالي مسئلا عارضي نوعيت جا آهن؛ ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ

مالي مسئلا عارضي نوعيت جا آهن؛ ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جا مسئلا عارضي نوعيت جا آهن، رپئي جي قدر ۾ عارضي طور تي گهٽتائي ٿي آهي، اميد آهي ته ڪجهه مهينن ۾ ان جي قدر ۾ اضافو ٿيندو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي سياست ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت خدشن سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان مٽا سٽا جي شرح جي هڪ خاص سطح تي اتفاق ٿيڻ جون افواهون بلڪل بي بنياد آهن.بيان موجب 1.2 بلين ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ باضابطه اجلاس ايندڙ هفتن ۾ متوقع آهي.ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مالياتي ۽ مانيٽري پاليسيون سخت ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ ڊيزل ۽ فرنس آئل جو اسٽاڪ 5 کان 8 هفتن لاءِ ڪافي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو