پاڪستان آمريڪا سان دشمني برداشت نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو آمريڪا سميت پاڪستان جي اتحادين ۽ دوستن سان ”لڳاپا“ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪي گذريل حڪومت جي ڪجهه غلط ”پرڏيهي پاليسين“ سبب اسلام آباد کان پري ٿي ويا هئا.وزيراعظم هائوس ۾ ڏنل افطار ڊنر ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن واضح طور تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڪنهن به دشمني کي برداشت نٿو ڪري سگهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي افسوس جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي دوست ملڪن خاص ڪري چين، سعودي عرب، قطر ۽ آمريڪا کي ناراض ڪيو جن هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بي اعتمادي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ماضي ۾ ڪنهن به غلط ڪم نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو